سامي ڌاتو ڪوش

سامي ڌاتو ڪوش

سامي ڌاتو ڪوش

سامي ڌاتو ڪوش (ڪتاب): سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعر ساميءَ جي شاعريءَ جي لغت ’ڌاتو ڪوش'>سامي ڌاتو ڪوش‘ عنوان سان نامور عالم ۽ محقق عبدالڪريم سنديلي جي تيار ڪيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ الهه بخش تنئي جو لکيل آهي، جڏهن ته ٻه اکر خود سنديلي صاحب جا لکيل آهن. ’ڌاتو ڪوش'>سامي ڌاتو ڪوش‘ ۾، ساميءَ جي سلوڪن ۾ آيل لفظن جا اشتقاق، ڌاتو ڏنل آهن. اهڙي نموني هن ڪوش ۾ اشتقاق، ڌاتو ۽ تُز (appropriate) معنيٰ ڏني وئي آهي. ڪٿي ڪٿي لفظن جا مترادف (synonyms) ۽ متضاد (antonyms) به ڏنا ويا آهن ته جيئن معنيٰ کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. ڌاتو ڪوش'>سامي ڌاتو ڪوش جي ٻئي ڀاڱي ۾ اهڙن عربي ۽ فارسي لفظن جي لغت ڏني وئي آهي، جن مان ساميءَ جي ٻوليءَ متعلق وسيع معلومات ملي ٿي.
ڪتاب جا پروف محمد ابراهيم جويي جهڙي عالم جا ڏٺل آهن. ’سـامـي ڌاتـو ڪوش‘ جي تياريءَ لاءِ ساميءَ جا سلوڪ (ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي ۽ ڀوڄراج ناگراڻيءَ جي ٽن ڀاڱن) مان لفظ چونڊيا ويا آهن. هي ’ڪوش‘ ساميءَ جي سلوڪن جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهڻ لاءِ ڪارائتو آهي. ڊيمي سائيز جي 104 صفحن تي مشتمل هي ڪوش، عبدالڪريم سنديلي جي فرزند، اسلم سنديلي لاڙڪاڻي مان 1978ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 16 روپيا آهي.


لفظ سامي ڌاتو ڪوشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو